پيرزادو  زاهد حسين

پيرزادو زاهد حسين

پيرزادو زاهد حسين

پيرزادو، زاهد حسين: زاهد حسين ولد زين العابدين پيرزادو، 12 سيپٽمبر 1969ع تي هنڱورجن (ضلعي خيرپور) لڳ ڳوٺ شمس الدين پيرزادي ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، اٺين ڪلاس تائين مڊل اسڪول رسول آباد ۾ پڙهيو، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول هنڱورجا مان ڪيائين. هاءِ اسڪول دوران هڪ ٻاراڻي تنظيم جو ميمبر ۽ خزانچي ٿيو. ٻين دوستن سان گڏجي سينيئر استادن کان مختلف موضوعن تي ليڪچر ڪرائيندو هو. فرسٽ ايئر M.C.O ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين ۽ اتي غير سنڌي شاگردن سان جهڳڙن بعد انٽر سائنس گورنمينٽ ڪاليج گمبٽ مان 1986ع ۾ ڪيائين. 1985ع ۾ JSSF ۾ شامل ٿيو. ڪاليجي تعليم کان پوءِ ايم. اي (انگريزي)، ايم. اي (ايڪنامڪس)، ايم. اي (سوشيالاجي) ۽ ايل. ايل. بي ڪيائين. هن ابتدا ۾ ٽي. اين. ٽي سکر ۾ ملازمت ڪئي، بعد ۾ ممتاز ڪاليج خيرپور ۽ سچل سرمست ڪاليج راڻيپور ۾ ليڪچرر ٿيو، بعد ۾ حاجي عبدالله هارون ڪاليج کڏي، ڪراچيءَ ۾ بدلي ٿي آيو، جتي اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهيو. زاهد پيرزادي 2005ع کان مختلف اين. جي. اوز ۾ ڪم ڪيو. هن هڪ سماجي تنظيم ”ڪميونٽي اينڊ انوائرونمينٽ ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن“ ٺاهي. ان کي سوسائٽيز ايڪٽ هيٺ رجسٽر ڪرايو ۽ ان جو باني صدر ٿيو. انڊس ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي بورڊ گورنرس جو ميمبر رهيو. ليبر پاڪستان ۽ پاڪستان فشر فوڪ فورم ۾ به ڪم ڪيائين. سٺو ليکڪ، ڪالم نگار به هو، روزاني ڪاوش، روزاني ڊان، دي نيشن ۾ سماجيات ۽ سياست تي ڪالم لکندو هو. قومپرست سياست جو قائل هو، نظرياتي طور سائين جي. ايم. سيد جي فڪر سان وابسته هو. 5 جولاءِ 2008ع تي هڪ روڊ حادثي ۾ گذاري ويو، سندس آخري آرامگاهه، درگاهه ڪمال الدين قريشي لڳ هنڱورجا نيشنل هاءِ وي خيرپور ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.09.12  عيسوي

پير زادو زاهد حسين 12 سيپٽمبر 1969ع تي هنڱورجا ضلعي خيرپور لڳ ڳوٺ شمس الدين پيرزادي ۾ ڄائو


2008.07.5  عيسوي

پير زادو زاهد حسين 5 جولاءِ 2008ع تي هڪ روڊ حادثي ۾ گذاري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد علي
عبدالرشيد ولهاري
شفيع لاهوري مولانا
آغا ناصر
الهورايو نظاماڻي
سليم سرهندي
اختر اديب
پشپا ولڀ
عبدالغني قمبراڻي
امام بخش گهرياڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون